اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ??ڪستان هن??ري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو هن??ري سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپان کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هن??ري جي دوري جي موقعي تي پنهنجي ??م منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، دوري دوران هن??ري ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس هن??ري جو دورو پاڪستان ۽ هن??ري جي وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. پرڏيهي وزير دوري جي دعوت تي هن??ري جي پنهنجي ??م منصب جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ سهولتي ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ??ڪستان ۽ هن??ري اڄ مفاهمت جي ٽن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جن مان هڪ راندين ۾ تعاون، سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون قائم ٿيندو، پاڪستان ۽ هن??ري جي فارن سروس اڪيڊميون هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي تربيت فراهم ڪنديُون جڏهن ته ٽئين مفاهمتي ياداشت جو تعلق هن??ري جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ دستياب اسڪالرشپس کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته هن??ري جي حڪومت جو هي قدم ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته هن??ري ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ اهو قدم کڻي مستقبل جي نسلن ۽ سفارتڪارن تي انويسٽ ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ??ڪستان ۽ هن??ري جي وچ ۾ مفاهمت جي ان ياداشت جي نتيجي ۾ اسڪالرشپس جو انگ 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ٿي ويندو. هن چيو ته هاڻي پاڪستان ۽ پاڪستاني شاگرد هن??ري جون وڌيڪ اسڪالرشپس حاصل ڪندا ۽ اهو هڪ اشارو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پ??ڪستان ۽ هن??ري جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي پڻ فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ صحيح گڏيل مشاورت ٿي آهي جنهن سان مختلف موقعا پيدا ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته هن??ري پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن??ري جي سفيرن جي ساليان?? ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪيو. سفيرن ج?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڌرتيءَ تي موجود انسان کي ماحولياتي تبديلي جي صورت ۾ درپيش گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي سفارتڪاري ۽ امن جو رستو نه ڇڏڻ گهرجي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو هن??ري اچڻ تي پاڪستان جي سفير آصف حسين ميمڻ ۽ هن??ري جي اعليٰ عم??دارن شاندار استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران هن??ري جي ??م منصب سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان اڳ ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ هن??ري جي وچ ۾ تعاون جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. ڪنهن به پ??ڪستاني پرڏيهي وزير پاران هن??ري جو هي پهريون سرڪاري دورو هو.