اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي پنهنجي احمقاڻي ۽ کل جوڳي طرز عمل سان قوم کي مسلسل مايوس ڪري رهيو آهي، ان جي ڪوڙ جي سياست ڏينهون ڏينهن بي نقاب ٿيندي پئي وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م شهباز شريف چيو ته عمران خان جي سياست ۾ جيڪا واحد شيءَ رهجي و??ي آهي اُها اِها آهي ته هو ??نهن به طرح اقتدار واپس حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ڀلي ان جي لاءِ ملڪ هڪ وڏي عرصي لاءِ عدم استحڪام جو شڪار ڇو نه ٿي وڃي، ان جي ڪوڙ جي سياست ڏينهون ڏينهن بي نقاب ٿيندي پئي وڃي.