ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ واري ??فا??ي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلي?? جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??فا??ي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ?? بحاليءَ جي منصوب?? جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مول متن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وسيل?? جي بحاليءَ جي حوالي سان ا?? جي فائد?? جي باري ۾ پريزينٽشن ڏني. سينيٽر شيري رحمان پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ نئين سر بحاليءَ جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان سلسلي ۾ عالمي برادريءَ جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب پيدا ٿيل مسئلن کي مُنهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي سببن ج?? ذميدار ناهي پر ا?? جي باوجود ا?? جي ناڪاري اثرن ج?? شڪار آهي. پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش?? جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدم?? جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان پائيداريت جي حاصلات جي ذريعي قدرتي آفت?? جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.