اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام جي تڪليفن جو تدارڪ وزيراعظم عمران خان جي پهرين ترجيح آهي، ??و عوام کي ??يليف ڏيڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم قوم کي ??طاب ۾ ملڪي تاريخ جي وڏي عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪندو، اهو پئڪيج عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ۽ انهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو.