اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي علائقن ۾ بدامني جي ڪري معاشي سرگرميون تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن، اسان اتي معمول جون معاشي سرگرميون بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون. افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيا تائين نوان رستا کلندا جنهن سان خطي ۾ تر??ي جو نئون دور ايندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي تر??ي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدا??ت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي بحالي ۽ اتي تر??ياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل لاءِ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ اسپيڪر ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي تر??ي جو معاملو ڪنهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جو معاملو نه آهي اسان سڀن?? کي گڏجي ان جو حل ڪڍڻو آهي،
هن چيو ته ??اضي ۾ فاٽا ۾ بدامني جي ڪري اتان جي معيشت بري طرح متاثر ٿي، اسان کي ان معيشت کي بحال ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ اسان کي افغانستان جي صورتحال کي به ڏسڻو آهي، ان لاءِ انهن مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت، مخالف ڌر ۽ پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، اسپيڪر چيو ته اسان کي ان علائق?? کي گڏجي تر??ي ڏيڻي آهي ۽ گڏيل طور تي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ نئين حڪومت قائم ٿي آهي اسان خطي ۾ استحڪام چاهيون ٿا.
افغانستان ۾ امن کانپوءِ وچ ايشيا تائين رستا کلندا جنهن سان خطي ۾ تر??ي ۽ خوشحالي جو نئون دور ايندو. اسپيڪر چيو ته ??اٽا جي حوالي سان اسان 45 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون مڪمل ڪنداسين، اهو ئي سبب آهي ته اسان 3 گروپ جوڙيا آهن ۽ جلد ئي ان حوالي سان وڏي ڪنوينشن جو انعقاد به ڪنداسين، هاڻي جيڪڏهن اسان اهو مسئلو نه ڪيو ته ??ستقبل ۾ ان جا سٺا اثر نه پوندا.