اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن بابت مشير ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ??وا??ي سان چونڊ سڌار?? جي عمل تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اپوزيش?? جي مطالبي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي قائم ڪري آخري ڀيرو اپوزيشن سان ڳالهيون ٿينديون، هر صورت ۾ چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي ختم ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ قانون سازيءَ تحت ايندڙ ??ام چونڊن کي صاف شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم خان سواتي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پوري قوم ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ اي ووٽنگ جي ??وا??ي سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. اپوزيشن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته وزيراعظم عمران خا?? جي حڪومت 2023ع جي اليڪشن کي چوري ڪرڻ لاءِ اي وي ايم مشين آڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سڀ کان پهريان پ پ جي دؤر ۾ 2009ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشي?? جي ??وا??ي سان اڳڀرائي ٿي، 2014ع کان 2016ع تائين موجوده صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ سڄي اپوزيشن ان ??وا??ي سان اليڪشن ڪميشن وئي پر اڄ اهائي اپوزيشن پرجوش انداز ۾ اهو چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ ايندڙ اليڪشن چوري ڪرڻ چاهي ٿي، ايندڙ ??ام چونڊون عمران خان يا تحريڪ انصا?? نه ڪرائيندي ان لاءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ 120 ڏينهن لاءِ آئين تحت عبوري حڪومت قائم ٿيندي، جيڪا ??ام چونڊون ڪرائيندي. هن ميڊيا جي نمائندن کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو هڪ دستاويز ڏيکاريندي چيو ته 2017ع ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي ۽ چونڊ سڌارن ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سڌارن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو ذڪر آيو. هن چيو ته هو اي وي ايم کان ڇو ڊڄي رهيا آهن، اهو ووٽر کي ٻُڌائڻو پوندو ۽ اي ووٽنگ سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڇو ووٽ جي حق کان محروم رکيو وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جون زباني ڳالهيون ۽ دعويٰ سرڪاري رڪارڊ کان انڪار نٿيون ڪري سگهن. 2017ع کان 2021ع تائين 4 سال گذري ويا آهن اسان کي ٻُڌايو وڃي ته اسان ان معاملي تي اڳيان ڇو وڌي نه سگهيا آهيون. هن چيو ته اي وي ايم مشين ڌانڌليءَ کي روڪيندي. هن فلپائن جو مثال ڏيندي چيو ته اتي اليڪش?? جي موقعي تي قتل ٿيندا هئا پر ٽيون ڀيرو ??ام چونڊن ۾ اي وي ايم ذريعي اليڪشن ڪرائي وئي جنهن کان 89 سيڪڙو شهرين تسليم ڪي??. هن چيو ته هتي روايت اها رهي آهي ته ماڻهو هتي پنهنجي ۽ رشتيدار?? جي گهرن ۾ پولنگ اسٽيشنون لڳرائيندا هئا، فارم 45 بي سڀني کي ناهي ملندو، اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ ??ام چونڊون صاف شفاف ۽ منصفاڻيون ٿين. بابر اعواڻ چيو ته حڪومت ان لاءِ تيار آهي ته اسان قومي اسيمبليءَ ذريعي ٻنهي ايوان?? جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي تحريڪ پيش ڪريون. هن چيو ته ڪميٽي ۾ آخري ڀيرو حڪومت اپوزيشن سان چونڊ سڌار?? جي ??وا??ي سان ڳالهيون ڪندي. هن چيو ته اسان چونڊ سڌارن لاءِ قانونسازي ڪنداسين، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي ريمارڪس بابت ??وا??و ڏيندي چيو ته هو هڪ ڪيس ۾ چئي چڪو آهي ته اي وي ايم جو تصور ڪو خلائي تصور ناهي. بابر اعواڻ چيو ته چونڊ عمل ۾ اسان ڌانڌلي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ڀارت جو ??وا??و ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي رهي آهي، اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ??وا??ي سان پنهنجو وعدو پورو ڪنداسين، اڃا تائين ته رڳو اي وي ايم ۽ اي ووٽنگ جي ??وا??ي سان اسان جون تجويزون آيون آهن، اسان اهڙو قانون ٺاهڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪوبه ائين نه چوي ته مان ان قانون کي نٿو مڃان، قوم سان واعدو آهي ته جنهن طرح ملڪ ۾ صنعتي ترقي، ايف بي آر ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ??وا??ي سان سڌارا آندا آهن اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڌانڌليءَ کان پاڪ اليڪشن جو تصور به آڻينداسين.